اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ مقرريون ۽ بدليون روڪي ڇڏيو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جاچ ادارن ۾ حڪومتي مداخلت سبب پاڻمرادو نوٽيس جي شنوائي دوران هاءِ پروفائلز ڪيسز، خاص طور تي عدالت ۽ نيب ڪيسز ۾ مقررين ۽ بدلين کان روڪي ڇڏيو. حڪومتي ميمبرن خلاف جاچ ۾ مبينا حڪومتي مداخلت تي پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي شنوائي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ڪئي. ان دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته نيب لاهور ۽ ايف آءِ اي کان ڪيترن ئي آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون. هاءِ پروفائل ڪيسز ۾ بدلين ۽ مقررين تي ڳڻتي آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ اٽارني جنرل صاحب، اوهان جي اچڻ جا ٿورائتا آهيون، ڇا اوهان پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جو پيپر بڪ پڙهيو آهي؟ اٽارني جنرل اشتر اوصاف جواب ڏنو ته پيپر بڪ ناهي پڙهيو، جنهن تي کيس سوموٽو نوٽيس جي پيپر بڪ پڙهڻ لاءِ ڏنو ويو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پيپر بڪ جو پيرا گراف 2 ۽ 3 پڙهي وٺو. ايف آءِ اي لاهور جي عدالت ۾ پراسيڪيوٽر کي تبديل ڪيو ويو. ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُالله عباسي ۽ ڊائريڪٽر رضوان کي به تبديل ڪيو ويو. سوموٽو جو بيڪ گرائونڊ اوهان پڙهي ورتو آهي؟ چيف جسٽس چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي هڪ جاچ آفيسر کي پيش ٿيڻ کان منع ڪيو، ڊي جي ايف آءِ اي جاچ آفيسر کي چيو ته نئين ٿيندڙ وڏي وزير جي ڪيس ۾ پيش ناهي ٿيڻو. پراسيڪيوشن برانچ ۽ جاچ جي عمل ۾ مداخلت نه ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي هڪ جاچ آفيسر کي پيش ٿيڻ کان منع ڪيو. ڊي جي ايف آءِ اي جاچ آفيسر کي چيو ته نئين ٿيندڙ وڏي وزير جي ڪيس ۾ پيش ناهي ٿيڻو. پراسيڪيوشن برانچ ۽ جاچ جي عمل ۾ مداخلت نه ٿيڻ گهرجي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پراسيڪيوشن آفيسرن کي هٽائڻ جا سبب ڄاڻڻ چاهيون ٿا. ڊي جي ايف آءِ اي سنڌ مان آهي، اهو سٺو ڪم ڪري رهيو هو. جڏهن ته ڪي پي ۾ به ثناءُالله عباسي جي ڪارڪردگي سٺي هئي. ڊي جي ايف آءِ اي ثناءَالله عباسي سٺي شهرت رکندڙ آفيسر آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اخبارن ۾ 2 مهينن کان خبرون ڏسي رهيا آهيون. اخباري خبرن موجب اي سي ايل پاليسي تبديل ٿيڻ سان 3000 کان وڌيڪ ماڻهن کي فائدو ٿيندو. اي سي ايل جي پاليسي ۾ هيٺ مٿانهين بابت به ڄاڻڻ چاهيون ٿا. ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ڪهڙي طريقي سان اي سي ايل ۾ موجود ماڻهن کي فائدو پهچايو پيو وڃي؟ ڪا به راءِ نه پيا ڏيون صرف حقيقتون ڄاڻڻ چاهيون ٿا. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڊي جي ايف آءِ اي ۽ نيب چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪندي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتا ۽ چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر سميت سمورا لاڳاپيل آفيسر پنهنجي مٿان لڳايل الزامن تي جواب ڏين. سپريم ڪورٽ چيو ته ٻڌايو وڃي ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي ڪيسز ۾ جاچ آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪهڙي بنياد تي ڪيون ويون؟ اهڙن معاملن سان قانون جي حڪمراني تي اثر پئجي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته امن ۽ اعتماد معاشري ۾ برقرار رکڻ سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي، قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻو آهي. سپريم ڪورٽ پراسيڪيوشن کي هاءِ پروفائل ڪيسز واپس وٺڻ کان روڪيندي پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي شنوائي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان علاوه سپريم ڪورٽ گذريل 6 هفتن دوران اي سي ايل مان ڪڍيل نالن جي فهرست به طلب ڪري ورتي آهي ۽ هر قسم جي مقررين ۽ بدلين تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button