اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

گاڏين،موبائل فونز،جيم،جيولري،جوس ۽ سگريٽ سميت لگزري شين جي درآمد تي پابندي

اسلام آباد :ملڪ ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ حڪومت معاشي ايمرجنسي جي بنياد تي پرڏيهي لگزري شين جي امپورٽ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ جيڪي سازشي ڪنٽينر تي بيهي چئن هفتن جي حڪومت کان سوال ڪري رهيا آهن، انهن جي حڪومت ۾ ئي ڊالر 189 رپيا ٿي ويو هو. معاشي ايمرجنسي جي بنياد تي لگزري آئٽمز جي درآمد تي پابندي لڳائي وئي آهي. امپورٽڊ گاڏين جي درآمد تي مڪمل پابندي لڳائي آهي. هن چيو ته جيم ۽ جيولري، چمڙي، چاڪليٽ، جوسن ۽ سگريٽ جي درآمد تي به مڪمل پابندي هنئي وئي آهي. جڏهن ته وڏين گاڏين ۽ موبائل فونز جي درآمد تي به پابندي هوندي. سندس چوڻ هو ته امپورٽڊ ڪنفيڪشنري، ڪراڪري، فرنيچر، فش ۽ فروزن فوڊ، فروٽ ۽ ڊراءِ فروٽ جي امپورٽ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ميڪ اپ ۽ ٽشو پيپرز جي امپورٽ تي به پابندي هوندي. مريم اورنگزيب چيو ته ان پابندي سان ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن تي ٻن مهينن ۾ اثر پوندو ۽ ان پابندي ۽ ٻين قدمن سان سالياني بنيادن تي معيشت تي 6 ارب ڊالرن جا هاڪاري اثر پوندا. ن ليگ اڳواڻ موجب اسان جي دور ۾ ملڪي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو هئي. گذريل 4 سالن ۾ ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو، ملڪ اندر هن وقت ايمرجنسي جي صورتحال آهي. عوام کي موجوده صورتحال ۾ قرباني ڏيڻي پوندي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ اڄ جيڪا مهانگائي آهي، ان جو سبب عمران خان جو آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدو آهي. جنهن تي انهن جي حڪومت جون صحيحون آهن. هن چيو ته خاص طبقي کي فائدو پهچائڻ لاءِ معاشي دهشتگردي ڪئي وئي. گذريل حڪومت ڪرپشن ذريعي مهانگائي ڪئي. پاڪستان اندر هن وقت عوامي حڪومت آهي، جنهن ۾ سڀني صوبن جي نمائندگي موجود آهي. هن چيو ته 4 سالن ۾ پاڪستان جي معيشت کي جنهن جڳهه تي پهچايو ويو آهي، جنهن طريقي سان پاڪستاني عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ويو، معيشت تباهه ڪئي وئي، ان سان مهانگائي جي شرح وڌي وئي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 1947ع کان 2018ع تائين حڪومتن طرفان جيترو قرض ورتو ويو، اوترو گذريل 4 سالن ۾ جيڪا رقم ورتي وئي، ان جو 80 سيڪڙو آهي. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته اسد عمر کي عمران خان هڪ ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا وزارت ڏني ۽ پو بدلي ڪيو. هر روز ناڻي وارو وزير تبديل ڪيو ويو ۽ اڄ اهي ئي ماڻهو ٻين جي معيشت جو سوال ڪن ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ مخصوص طبقي جي فائدن لاءِ هڪ ٽولو مسلط ڪيو ويو ۽ انهن ئي معاشي دهشتگردي ڪئي پر موجوده حڪومت هنگامي بنيادن تي انهن شين جي درآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته چونڊون ڪرائڻ پاڪستان اندر حڪومت جو ڪم آهي، هن وقت چونڊون انهن کان ڪرايون وينديون جيڪي ملڪ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ ڄاڻن ٿا. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته توهان ڪيترو به شور ۽ هڙتال ڪريو، پاڪستاني عوام ڄاڻي ٿي ته توهان جو مقصد ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي مريم اورنگزيب چيو ته توهان خزاني جي چوري تان اکيون ٻوٽي نٿا سگهو. توهان خزاني جي چوري کي نظرانداز نٿا ڪري سگهو، توهان ملڪ اندر معاشي تباهي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ قرضن جو بار ڏنو آهي، جنهن جي بدبو اسان صاف ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button