اسلام آبادپاڪستان

حملي ڪيس ۾ نامزد وڪيلن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي حملي واري ڪيس ۾ نامزد وڪيلن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عباس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملي ڪيس جي شنوائي دوران ڪيس ۾ نامزد 28 کان وڌيڪ وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت چيو ته ڪيس ۾ نامزد وڪيلن تي 30 مئي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، تنهنڪري نامزد جوابدار ايندڙ شنوائي تي حاضري يقيني بڻائين.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي وڪيلن جي استدعا تي جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون به ورهائي ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button