اسلام آبادپاڪستانپنجاب

گورنر پنجاب جي برطرفي خلاف درخواست تان اعتراض ختم،لارجر بئنچ قائم

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمر سرفراز چيما جي پنجاب گورنر واري عهدي تان برطرفي خلاف درخواست تي لارجر بئنچ جوڙي وئي آهي. هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله عمر سرفراز چيما جي پنجاب جي گورنر جي عهدي تان برطرفي خلاف درخواست تي شنوائي ڪئي.عمر سرفراز چيما جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته عمر سرفراز چيما جي درخواست تي رجسٽرار آفيس ۾ ٻن قسمن جا اعتراض واريا ويا آهن. هڪ اهو ته برطرفي جي واٽس ايپ ڪاپي لڳائي وئي آهي، ٻيو اهو ته هن عدالت جي اختيارن واري دائري ۾ هيءَ درخواست نٿي اچي. چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊي نوٽيفائي ته وفاق ڪيو آهي، هي پارلياماني نظامِ حڪومت آهي صدارتي نظام ناهي. صدر جو ڪٿي ڪهڙو اختيار آهي، ان تي بائنڊنگ آهي. هي ته پهريان کان ئي طئي ٿيل آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمر سرفراز چيما جي درخواست تي اعتراض ختم ڪري لارجر بئنچ جوڙي ڇڏي ۽ ڪيس جي شنوائي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت وڪيل بابر اعواڻ کي هدايت ڪندي چيو ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button