ڪراچي: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شھيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتل کي شھيد بينظير آباد پوليس وارياسي علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي. مک جوابدار مشتاق سھتو کي سرحد علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس ڪارروائي ۾ 4 با 4 گاڏيون ۽ اٺ استعمال ڪيا. صوبائي وزير چيو ته شھيد عزيز ميمڻ جي ڪيس ۾ ٻيا جوابدار اڳ ئي گرفتار ٿي چڪا آهن، جڏھن ته مک جوابدار اڍائي سالن کان مفرور ھو.
صوبائي وزير سنڌ پوليس کي ڪامياب ڪارروائي تي شاباس ڏني آھي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مقتول جي وارثن تي ڪنھن به قسم جو دٻاءُ نه ھو، اھا ڳالھه درست ناهي. اھڙي قسم جون ڳالهيون ڪيس کي سياسي بڻائڻ لاءِ ڪيون ويون آهن. ھن چيو ته اڍائي سالن کانپوءِ مک جوابدار جي گرفتاري تي تنقيد ڪرڻ بدران ان ڳالھه کي ساراهيو وڃي ته پوليس اڍائي سالن کان ڪيس تي ڪم ڪندي رهي، ٻيا جوابدار اڳ ئي گرفتار ڪري چڪي ھئي ۽ اڄ مک جوابدار کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.