اسلام آبادپاڪستان

افغانستان مان صرف 20 هزار ماڻهو آيا آهن، ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت خبر ناهي: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آھي تھ پينڊورا پيپرز مان ڪجهه به ناهي نڪتو، سٺي ڳالهه آهي جو وزيراعظم پيپرز ۾ آيل 700 پاڪستانين کان جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. وفاقي گهرو وزير طرفان 15 آگسٽ کان هيل تائين افغانستان مان صرف 20 هزار ماڻهو پاڪستان اچڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.

وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته 6 هزار ماڻهو افغانستان مان واپس وڃي چڪا آهن، ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت خبر ناهي، افغانستان لاءِ ٽن هفتن ۾ آن لائين ويزا سروس شروع ڪئي ويندي.

جعلي سڃاڻپ ڪارڊ اسڪينڊل ۾ 10 سالن جو گند صاف ڪري رهيا آهيون، اسڪينڊل ۾ ملوث 136 آفيسرز کي معطل ڪري ڇڏيو، جعلي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ۾ ملوث نادرا عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button