پاڪستانسنڌ

شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه جي اماراتي صدر جي لاڏاڻي تي تعزيت

ڪراچي: سڌ سما ۽ ٽرانسپورٽ وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ مڪاني کاتي وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهھ گڏيل عرب امارتن جي قونصل خاني پھتا، جتي صوبائي وزيرن يو اي اي جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميٿي سان متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفا بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. صوبائي وزيرن سنڌ حڪومت ۽ صوبي جي عوام پاران امارتي قونصل جنرل سان گهري ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هنن چيو ته سنڌ جي عوام کي شيخ خليفا بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي سخت صدمو رسيو آهي. شيخ خليفه بن زيدالنهيان پاڪستان جي عوام جو هر مشڪل گهڙي ۾ ساٿ ڏنو. شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر حسين شاهھ چيو ته شيخ خليفه بن زيدالنهيان پاران پاڪستان جي عوام جي لاءِ ڪيل سھڪار وسارڻ جوڳو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button