خيرپور ناٿن شاھه: خيرپور ناٿن شاهھ ۾ سول اسپتال جي ملازمن جو معمولي ڳالهھ تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. رپورٽ موجب ڪي اين شاهھ ۾ تعلقي اسپتال جي ڪوارٽرن جي رھواسي تعلقي اسپتال جي ملازم لال بخش ملاح ۽ ذوالفقار عرف ڀٽو ملاح گھرن اڳيان مينھون چارڻ کان منع ڪرڻ تان ملازم صادق ٻگھيو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته بروقت اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنھي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ رپيٽر هٿ ڪيو. پوليس مقتول جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. تعلقي اسپتال ۾ جنريٽر سميت ٻين سھولتن جي کوٽ ۽ ايڪسري مشين نه ھُجڻ سبب مقتول جي لاش جو خانگي اسپتال مان ايڪسري ڪرايو ويو. هوڏانهن وارثن گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close