
ڦلجي اسٽيشن: ڪراچي ۾ ڦلجي اسٽيشن جا رهواسي 2 پورهيت ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ پراڻو ديرو جا رهواسي 2 پورھيت 50 ورهين جو مدد علي دستي ۽ 33 سالن جو علي جان دستي ڪراچي جي مواڇ ڳوٺ ۾ گهر اندر پاڻي جي ٽانڪي صاف ڪرڻ دوران ساھه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو. ٻنهي پورهيتن جا لاش ايمبولينس ذريعي ڪراچي کان پراڻو ديرو آندا پيا وڃن. وارثن موجب پورهيت پاڻي جي ٽانڪي صاف ڪرڻ لا ٽانڪي اندر ويا ته ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا. ٻئي ڪراچي جي هڪ فئڪٽري ۾ ڪم ڪندا ھئا.