پاڪستانسنڌ

اڏيرولال اسٽيشن ۾ ڀائرن پاران گهر تي مبينا قبضي خلاف همراهه جو احتجاج

اڏيرولال: اڏيرولال اسٽيشن جي رهواسي نياز کوسو پنهنجي گهرواري ۽ ٻارڙن سميت ڀائرن پاران زبردستي گهر تي قبضي خلاف احتجاج ڪندي صحافين اڳيان الزام هڻندي چيو آهي ته منهنجا ڀائر خادم حسين، حسين بخش، نظام الدين ۽ غلام حسين کوسو منهنجي گهر تي زبردستي قبضو ڪري اسان کي تشدد ۽ مارڪٽ ڪئي آهي ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته هي جاءِ اسان جي آهي، جڏهن ته هي گهر منهنجي گهرواري جي نالي تي آهي، جنهن جا ڪاغذ به اسان وٽ موجود آهن. هن مطالبو ڪيو ته منهنجي ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي گهر تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button