پاڪستانسنڌ

ٽنڊوباگو ۾ نينگر سان زيادتي جي جوابدارن جي گرفتاري لا احتجاج

ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو لڳ 4 ڏينهن اڳ ڳوٺ کاڏو ۾ معصوم نينگر سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ مک جوابدارن کي ٽنڊوباگو پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف متاثر نينگر جي پي، ما ۽ مائٽن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ٻه ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي نينگر جي پي چيو ته اسان جي 10 سالن جو معصوم نينگر سان وڏو ظلم ٿيو آهي.

ٽنڊوباگو ٿاڻي تي ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس مک جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري. ٽنڊوباگو پوليس جوابدارن کان وڏي رشوت وٺي کين گرفتار نٿي ڪري. هنن گهر ڪئي ته مک جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوباگو ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته اسان جي ڪوشش آهي ته رهيل جوابدار جلد گرفتار ڪريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button