جاتي: جاتي تعلقي جي ديهه ماکيارو جي ڳوٺ ھاشم مٽائي ملاح ۾ 7 ورهين جي معصوم نينگري چاهت ڌيءَ حڪيم مٽائي گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، اطلاع بعد ٻارڻ آباد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي جاچ ڪئي، جڏھن فوتي نينگري چاھت جي پي حڪيم مٽائي پوليس آڏو بيان ڏيندي چيو ته گھر ۾ لوڊ ٿيل بندوق کٽ تي رکيل هئي ننڍن ٻارن جي هٿ لڳڻ سبب اتفاق سان فائر ٿيو، جنهن جا ڇرا اوچتو نينگري کي لڳا، جيڪا ٿڏي تي فوت ٿي وئي آھي، ھن چيو ته واقعو اتفاقي آهي، ھوڏانھن ٻارڻ آباد ٿاڻي تي واقعي جي اتفاقي حادثي جي ڪارروائي داخل ڪئي آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close