اسلام آبادپاڪستانپنجابسنڌ

اسلام آباد، پنجاب ۽ سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو،5 ماڻهو گڏجڻ تي پابندي

اسلام آباد/ڪراچي/لاهور:پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اعلان ڪيل لانگ مارچ کان اڳ ڪنهن اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام آباد، پنجاب ۽ سنڌ صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ريڊ زون ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ايندڙ ٻن مهينن تائين پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. ضلعي انتظاميا ريڊ زون کان علاوه جناح اوينيو، فورٿ اوينيو، ٿرڊ اوينيو، ڪشمير چوڪ تي به ميڙاڪن ۽ احتجاجي مظاهرن تي پابندي وجهي ڇڏي آهي. ضلعي انتظاميا چيو ته قلم 144 لاڳو امڪاني احتجاج، ريلي ۽ ڌرڻن جي سبب ڪيو ويو آهي. ايندڙ ٻن مهينن تائين ريڊ زون ۽ ان جي ڀرپاسي ۾قلم 144 لڳايو ويو آهي. پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بابت اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ قلم 144 لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سردار اويس لغاري، عطاءالله تارڙ، چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري وزيراعليٰ، سي سي پي او لاهور ۽ لاڳاپيل عملدارن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنجاب جي گهرو کاتي چيو آهي ته پنجاب حڪومت صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ۽ چئن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي گهرو کاتي صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. پابندي عائد ڪرڻ بابت گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته سنڌ صوبي ۾ تازن دهشتگردي جي واقعن کي نظر ۾رکندي آئي جي سنڌ خط لکيو ته ڪجهه سياسي ۽ ٻيا شرپسند غيرقانوني ڪارروائين جي رٿابندي ڪري رهيا آهن. آئي جي سنڌ جي خط کان پوءِ سنڌ جي گهرو کاتي صوبي ۾ قلم 144 لڳائي ڇڏيو آهي جيڪو 30 ڏينهن تائين لاڳو رهندو. ان دوران 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي هوندي. خط ۾ آئي جي سنڌ لکيو ته صوبي ۾ رستن شاهرائن کي بند ڪرڻ ۽ ڌرڻو هڻي ميڙاڪو ڪري سگهجي ٿو ۽ ان امڪاني صورتحال جي ڪري عام شهري جي زندگي متاثر ٿيندي. آئي جي سنڌ پاران لکيل خط جو حوالو ڏيندي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته صوبي ۾ اهڙي قسم جي سياسي معاشي صورتحال سان رياست مخالف شرپسند فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا. نوٽيفڪيشن ذريعي پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ 30 ڏينهن لاءِريليون ڪڍڻ تي پابندي هوندي، لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او قلم 188 تحت ڪارروائي ڪرڻ جو پابند هوندو. سنڌ جو گهروسيڪريٽري ڊاڪٽر سعيد مڱڻيجو چيو ته سنڌ جي عوام جي حفاظت لاءِ قدم کنيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button