پاڪستانخيبرپختونخوا

سموري قوم نيوٽرلز ڏانهن ڏسي رهي آهي، سڀني لاءِ فيصلائتو وقت آهي

پشاور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عدليا ملڪ جي جمهوريت جو تحفظ نه ڪيو ته ان جي ساک ختم ٿي ويندي، جڏهن ته حڪومت پنهنجي غير قانوني قدمن سان فوج کي تڪراري بڻائي رهي آهي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته ڏوهارين جي ڪابينا اهو غير قانوني فيصلو ڪيو آهي، بلاول ۽ مولانا اسان جي حڪومت ۾ لانگ مارچ ڪيو، اسان روڪڻ ته پري جي ڳالهه پر کين سهولتون ڏنيون، ادارن جو امتحان آهي، ادارن ۽ عدليا ملڪ جي جمهوريت جو تحفظ نه ڪيو ته انهن جي ساک ختم ٿي ويندي، ان جو مطلب هوندو هتي جمهوريت ناهي. هن چيو ته نيوٽرلز، ججن کان پڇان ٿو ته ڪهڙي حڪومت اهڙا قدم کڻندي آهي، سڀني لاءِ فيصلائتو وقت آهي، وچ ۾ هجڻ جو مطلب ڏوهارين جي مدد ڪرڻ آهي، سڄي قوم نيوٽرلز ڏانهن واجهائي رهي آهي، ملڪ تباهه ٿيو ته توهان به ذميوار هوندئو، توهان تي به فيصلو ٻڌايو ويندو، جيڪي پاڻ کي نيوٽرل ٿا چون، انهن کي واضح ٿو چوان ته ملڪ جي سلامتي ۽ خود مختياري جو تحفظ ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button