پاڪستان

ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽُو زرداري چيو آهي ته ڪشميري حريت پسند اڳواڻ ياسين ملڪ کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي ۽ گهرڀاتين سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي اسيري خلاف ڳالهائيندي چيو ته ياسين ملڪ خلاف بي بنياد الزامن تي ڀارتي عدالتي فيصلي جي مذمت ڪريانٿو. هن چيو ته ياسين ملڪ والاريل ڪشمير جو نمايان آواز آهي ۽ اسان ياسين ملڪ جي آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا، ياسين ملڪ خلاف بي بنياد الزام ختم ڪيا وڃن. هن چيو ته ڀارت کي گهرجي ته اهو سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي بند ڪري. هوڏانهن ياسين ملڪ جي وني مشعل ملڪ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ٿورو مڃيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مشعل ملڪ چيو ته منهنجي مڙس ياسين ملڪ جي تحفظ لا بلاول ڀٽو جي حمايت تي سندس ٿورائتي آهيان. هن چيو ته بلاول ڀٽو جي حمايت سان مون کي شهيد محترما بينظير ڀٽو ياد اچي وئي، شهيد بينظير ڀٽو هميشه والاريل ڪشمير واسين جي حالت زار تي سندس حمايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button