ڊيووس: ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڊيووس پهتل پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان فن لينڊ جي پرڏيهي وزير پيڪا اولاوي سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هيون. ملاقات دوران ٻطرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بلاول ڀٽو نيدرلينڊ جي راڻي ميڪسيما سان به ملاقات ڪئي، ان موقعي تي پڻ شيري رحمان ۽ حنا رباني کر موجود هيون. بلاول ڀٽو زرداري ۽ راڻي ميڪسيما جي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ معاشي بحران جي حل تي ڳالهيون ڪيون ويون. بلاول ڀٽو سان جگسا ايل ايل سي جي سربراهه جيرڊ ڪوهن ملاقات ڪئي، بلاول ڀٽو کيس پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. هن ملاقات دوران پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ موجود موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ڀٽو جو ان موقعي تي چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان جي حقيقي صلاحيت کي استعمال ڪريون ته ان سان نوجوانن ۽ معيشت کي فائدو پهچندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close