
ميھڙ: ميهڙ ۾ پوليس پوسٽ قاضي عارف جي موبائل نمبر ايس پي ايف 400 ڏوهارين خلاف ڪارروائي بدران آفيسرن جي گهر جو سامان ڍوئڻ ۾ مصروف آھي. جڏهن ته ميهڙ جي قاضي عارف پوليس پوسٽ کي مليل پوليس موبائل آفيسرن جو کٽون، ايئر ڪنڊيشن ۽ ٻيو سامان کڻڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آھي، پوليس موبائل ۾ گهرو استعمال جو سامان کنيو پيو وڃي. واضع رهي ته ميهڙ ۽ آسپاس ۾ بدامني وڌي وئي آھي، پر پوليس گشت نه ڪري رهي آهي. سماجي رابطن واري فورم تي پوليس موبائل تي آفيسرن جي سامان کڻڻ ۽ بدامني وڌي وڃڻ وارن واقعن تي شهرين ڳڻتي جو اظهار ڪيو آھي. ھوڏانهن رابطي تي پوليس پوسٽ قاضي عارف جي انچارج مير آرائين چيو ته اها موبائل اسان جي ناهي.