اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف سان چونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون: احسن اقبال

اسلام آباد: رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي تصديق ڪري ڇڏي. خانگي ٽي وي چئنل ۾ ڳالهه ٻولهه دوران احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت سان هڪ ملاقات ٿي آهي، جيڪڏهن ته اسان جي سر تي بندوق نه رکي وڃي ها ته شايد جلد چونڊن وارو مطالبو تسليم ڪري وٺون ها. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان اليڪشن ريفارمز تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته جڏهن ته عمران خان ڌمڪين واري شروع ڪئي ته اسان جي پارٽي ۽ اتحادين ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اسان کي ڄمي بيهڻ گهرجي ۽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button