ڪراچي ۾ گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ نمرا ۽ دعا زهريٰ جي ڪيسز ۾ آءِ جي سنڌ خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏنو ويو آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ نمرا ۽ دعا کي سومر تي لازمي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سندن عدم پيشي تي آءِ جي خلاف سڌي ريت ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو تھ گهڻو ٿي ويو، هاڻي آءِ جي کي پاڻ جواب ڏيڻو پوندو، آءِ جي خلاف ڪارروائي کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي، آءِ جي ٿيڻ لاءِ ٻيا به ماڻهو موجود آهن، ڇا اسان کي خبر ناهي ته پوليس رڳو مذاق ڪري رهي آهي ۽ عدالت کي مينيج پئِي ڪري. عدالت پوليس جي رپورٽ رد ڪندي چيو ته هڪ ٻارڙي پاڪستان ۾ آهي، پر پوليس اُن کي هٿ نٿي ڪري، هر شنوائي تي نئين ڪهاڻي آڻيو ٿا،ٻارڙيون نٿا ڳولي سگهو ته پوءِ پروفيشنل ڏوهاري ڪيئن پڪڙيندئو؟ سومر کان پوليس خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close