پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ ڏير ۽ ڀيڻويي خلاف جهڏو واسڻ جو احتجاج

نئون ڪوٽ: جھڏو شھر جي مير پاڙي جي رھواسڻ بيوه سلمى زال مرحوم حسين بخش ٽالپر نئون ڪوٽ ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. هن چيو ته مڙس سال اڳ وفات ڪريو ويو، جنھن جي نالي 3 ايڪڙ 31 گھنٽا زمين ۽ پاڙي ۾ گهر توڙي پلاٽ آهي، جن تي ڏير رفيق ٽالپر ۽ ڀيڻويي اشفاق ٽالپر تشدد ڪري ٻارن سميت گھران ڪڍي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هاڻ ٻارن سميت پي مجھن ٽالپر وٽ رهان پئي، ڏير ۽ ڀيڻويو پلاٽ، زمين ۽ گهر تان هٿ نه کڻڻ تان قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ٿاڻي ويس پر جوابدار بااثر ھجڻ سبب ڊي ايس پي نند لال مھيشوري ۽ ايس ايڇ او جھڏو وجئي ڪمار کتري ڪيس داخل ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري. هن چتا ڏنو ته مون سان انصاف نه ٿيو ته آئون ٻارن سميت پاڻ کي باهه ڏينديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button