
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جعلي ڊوميسائيل ٺهڻ خلاف متحده ۽ ٻين جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، سنڌ سرڪار عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪالهه شنوائي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته حڪومت جعلي ڊوميسائيل جي معاملي تي شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪمشنرز ۽ ڊي سيز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي آهي، ڪنهن کي شڪايت آهي ته ڪميٽي سان رابطو ڪري، سرڪاري وڪيل چيو ته سياسي پارٽين ۾ ٿيل معاهدي ۾ جعلي ڊوميسائيل جو معاملو به شامل آهي. خواجه اظهار چيو ته سنڌ حڪومت سان ڪوبه معاهدو ناهي ٿيو، هڪ انڊر اسٽينڊنگ ٿي آهي، جيڪا ڪڏهن به ختم ٿي سگهي ٿي.