پاڪستانسنڌ

جعلي ڊوميسائيل رد ڪري سنڌ جي نوڪرين تي ڌاڙا بند ڪريو: اياز لطيف

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته جعلي ڊوميسائيل رد ڪري سنڌ جي نوڪرين تي ڌاڙا ھڻڻ بند ڪيا وڃن. ملوث ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪري انھن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي حڪومت ڪرپشن خاطر ٻين صوبن جي ماڻھن کي سنڌ جا ڊوميسائل ٺاھي نوڪريون وڪڻي رھي آھي. 14 سالن ۾ ٻين صوبن جي ماڻھن کي سنڌ ۾ سمورا ڪوڙا ڊوميسائيل پيپلزپارٽي جي حڪم تي جاري ڪيا ويا آھن. سنڌ ۾ ڊوميسائيل ڏيندڙ ڊي سيز رکڻ ۽ بدلي ڪرڻ جو اختيار مراد علي شاھه ۽ بلاول زرداري وٽ آھي.

اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سيڙپڪاري، کين زمينن جو وڪرو، ڌارين جا قبضا ۽ ڪوڙا ڊوميسائيل سنگين تاريخي خطرو آھن. سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي سنڌ جي استحصال جو نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين وڏن شھرن ۾ لکين غيرقانوني پرڏيھي رھن ٿا، اھي پرڏيھي سنڌ جي وسيلن تي بار آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button