پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ بااثر ماڻهن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

ميهڙ: ڳوٺ سوڀو خان مگسي جي رھواسين بيواهھ حسينا، محمد ھاشم چنا ۽ حاجي خان چنا پنهنجي پٽن سان گڏ سعدي موساڻي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڊاڪٽر رمضان چنا، سندس پٽ ۽ ڀائيٽن توفيق چنا، آفتاب چنا ۽ ٻين اسان جي زمين جا کاتا پنهنجي نالي تي ڪرائي حصي جي زمين ڦٻائي آهي ۽ گھر مان به لڏائي ان تي پاڻ قبضو ڪري ويھي رهيا آهن، اھڙي دانھن ڳوٺ جي وڏيرن کي به ڏني پر تدارڪ نه ٿيو آهي، جڏهن ته ڪيترن سالن کان ساڳي پاڙي ۾ پنهنجو پلاٽ خريد ڪري گھر ٺھرايو آھي، اتان به لڏائڻ لا مختلف حربا استعال ڪيا پيا وڃن، ٻه ڏينهن اڳ گھٽي مان گندگي پاڻي جي نيڪال لا ناليون ٺهرايون ته ان جو به ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته بااثرن لٺيون هڻي محمد ھاشم ۽ حاجي خان چنا کي زخمي ڪيو آهي، پر پوليس گرفتار نه پئي ڪري، ٻارن جا امتحان هلن پيا، پر بااثر ڏنڊا کڻي گهر ٻاهران ويٺل آهن، جنهن ڪري ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته بااثرن خلاف قدم کڻي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button