شهدادپور: شھدادپور جي مصطفى ڪالوني جي رهواسڻ 4 ٻارن جي ما تهمينه راجپوت پنهنجي پٽ ابوبڪر ۽ ننهن نسرين سان گڏ پريس ڪلب شھدادپور پهچي صحافين کي دانهيندي مڙس محمد شفيع، سجاد، نويد، شاڪر، منير، قدير ۽ ٻين تي الزام هنيو آهي ته مذڪوره ماڻهن گهر تي حملو ڪري مون کي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي. هن چيو ته منهنجي شادي کي 22 سال ۽ 4 ٻارن جو اولاد آهي، مڙس پنجين شادي جي چڪر ۾ مون تي ڪوڙا الزام هڻي گهران ڪڍي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. هن الزام هنيو ته شھدادپور پوليس به سندس ونگاري بڻيل آهي، پوليس منهنجي پٽ عثمان کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. مڙس 4 شاديون ڪيون آهن، جن مان ٻن کي طلاق، هڪ فوت ۽ هاڻ مونکي به طلاق ڏئي 5 شادي ٿو ڪرڻ چاهي. هن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close