پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويل ڇوڪري انت آڻي ڇڏيو

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ ويئل جي رهواسڻ 15 سالن جي ڇوڪري ڀرمي ڌي ڏيارام گھرن کان هڪ ڪلوميٽر پري ٻني ۾ ڪنڊي جي وڻ ۾ رسو ٻڌي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. سندس وارثن ٻڌايو ته ھو ٻارن سان گڏ ڪاٺيون ڪرڻ جي بهاني گهران نڪتي هئي، ٻارن کي چيو ته اوھان گهر واپس وڃو ۽ آئون ڪاٺيون گڏ ڪري اچان ٿي. ڪاٺيون گڏ ڪرڻ لا گڏ کڻي آيل رسي سان ڪنڊي جي وڻ ۾ ڦاهو ٻڌي خودڪشي ڪئي، جنهن کي خودڪشي ڪندي ٻارن ڏسي ورتو، ٻارڙن جي رڙين تي وارثن پهچي ڇوڪري کي رسو کولي هيٺ لاهي تعلقي اسپتال آندو، پر هو رستي ۾ فوت ٿي چڪي هئي. لاش هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ تعلقي اسپتال ننگرپارڪر ۾ پيل رهيو، جنهن کانپو ڏانوڌاندل پوليس پهچي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. ڏانوڌاندل پوليس جو چوڻ آهي ته اسان اطلاع ملڻ تي پهچي وياسين. وارثن موجب ناري کي مرگهي جا دورا پوندا هئا ۽ اڪيلي گهران نڪري ويندي هئي، ناشتو ڪري ٻارڙن سان گڏ گهر لا ڪاٺيون گڏ ڪرڻ لا نڪتي هئي ۽ رسو ٻڌي آپگهات ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button