
لاهور: ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عدالت کان وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪندي ٻنهي جي گرفتاري گهري ورتي آهي. رپورٽ مطابق لاهور جي خاص عدالت ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي شنوائي ٿي جنهن سلسلي ۾ ٻئي ڄڻا عدالت ۾ پيش ٿيا. شنوائي دوران شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي وڪيل امجد پرويز پنهنجن دليلن ۾ چيو ته ڏيڍ سال تائين جاچ ڪئي وئي، ايف آءِ اي ڪو به ثبوت رڪارڊ تي نه آڻي سگهي، شنوائي دوران جج پڇيو ته ڇا ايف آءِ اي کي شهباز ۽ حمزا جي گرفتاري گهربل هئي؟ ان تي ايف آءِ اي جي وڪيل چيو ته ٻنهي جي گرفتاري گهربل آهي ڇاڪاڻ ته جوابدارن کان پڇاڳاڇا ناهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سي ايف او عثمان سميت ٻه ملزم جاچ ۾ شامل نه ٿيا آهن. ايف آءِ اي طرفان نئين چالان مطابق گرفتاري جا وارنٽ ٻيهر جاري ڪيا ويا جنهن تي عدالت 11 جون تائين جوابدارن جي گرفتاري وارنٽن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. شنوائي دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز عدالت جي اجازت کانپوءِ واپس روانا ٿي ويا، جنهن بعد عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت سمورن جوابدارن جي ضمانت ۾ 11 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.