پاڪستان

لانگ مارچ جي ڪهاڻي ختم، عمران اسلام آباد اچي ڏيکاري: گهرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اهي لانگ مارچ نه ڪري سگهندا، عمران خان کي چئلينج ٿو ڪريان ته ٻيهر مارچ اسلام آباد آڻي. هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته لانگ مارچ جي ڪهاڻي هاڻي ختم ٿي وئي، ان سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون، جيڪو روز اسان کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائي، هو سياستدان ته آهي ئي نه، ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهي ٿو، ڇا عمران خان ڪا سياسي ڳالهه ڪندو آهي؟ هن چيو ته هڪ ماڻهو روز اسان لاءِ چوندو آهي ته جيستائين جيئرو آهيان انهن کي نه ڇڏيندس، روز چوندو آهي ته هو اسان کي تسليم نه ڪندو، ڇا اسان کيس پيرين پئون ته تسليم ڪر؟ سندس چوڻ هو ته ڪو به معاملو هجي، ان ۾ تقريبن سڀني ايجنسين جي ان پٽ ورتي ويندي آهي، سڀني ايجنسين جي ان پٽ اڳ به ورتي ويندي هئي، پريڪٽس ته اڳ به اها ئي هئي، جيتريون رپورٽون سياستدانن جون ٺهنديون آهن، منهنجي خيال ۾ ٻئي ڪنهن جون نه ٺهنديون هونديون، اسان جي قيادت سدائين آزاد فيصلا ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button