پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ پي ٽي آ اڳواڻ پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

فريدآباد: ٻه ڏينهن اڳ ٻيٽو جتوئي ۾ پي ٽي آ جي ميٽنگ دوران يونين ڪائونسل چارو جي چيئرمين سيٽ لاءِ نامزد ڪيل پي ٽي آ اڳواڻ محبوب علي ٻگھيو پنهنجي ساٿين عابد چنا، راحب ڪولاچي ۽ محمد اعظم سميت سوين ماڻهن سان گڏجي پي پي ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو جي موجودگي ۾ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، جڏهن ته پ پ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو يونين ڪائونسل چارو جي ضلع ڪائونسل جي سيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ ظفر علي ٻگهيو، زبير احمد جوڻيجو، فقير سردار چانڊيو ۽ سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button