پاڪستانسنڌ

مهانگائي ۽ تيل اگهن ۾ واڌ خلا ڊگهڙي ۾ عورتن جي ريلي

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ سنڌ مزدور اتحاد جي عورتن مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي. خبر موجب ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ خلاف سنڌ مزدور اتحاد عورت ونگ ميرپورخاص طرفان جيلاني پاڙي کان ڪامريڊ صغرى خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن جو گشت ڪندي پريس ڪلب پهتي ته عورتن مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ صغرى خاصخيلي، اورنگزيب، شبنم خاصخيلي، نسرين آرائين، گلناز، حذيفه قمبراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي حڪمرانن سامراجي ادارن ورلڊ بينڪ ۽ آئي ايم ايف سان معاهده ڪري ملڪ کي قرضي ۽ ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي. حڪمران طبقي، آفيسر شاهي ۽ ٻين ادارن پنهنجي عياشين ۽ رعايتن ۾ گهٽتائي ڪرڻ بدران عوام جو رت چوسيو آهي. حڪمران روز عام واهپي جي شين جا اگهھ وڌائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪن پيا. ملڪ انصاف ۽ غريبن کي حق ڏيڻ سان ترقي ڪندو آهي، نه ڪي انڪم سپورٽ جي نالي تي 2 هزار رپيا خيرات ڏيڻ سان اڳتي وڌندو. هنن گهر ڪئي ته سرمائيدارن جون وڏيون ملڪيتون ضبط ڪري مسڪين ماڻھن کي روزگار ڏئي سمورن مزدورن کي اي او بي آئي ڪارڊ جاري ڪري سوشل سيڪيورٽي ۽ پينشن ڏني وڃي ۽ مهانگائي گهٽ ڪري ورلڊ بينڪ ۽ آئي ايم ايف سان ڪيل سمورا معاهده ختم ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button