بني گالا: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ن ليگ ڌانڌلي سان ننڍي چونڊ کٽڻ جو منصوبو جوڙيو آهي. بني گالا ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته هي حڪمران عوام ۾ ويندا ته چور ۽ غدار جا نعرا ٻڌندا، ن ليگ آئين جا بخيا اڊيڙي رهي آهي، اسان انهن کي هارائينداسين. هن چيو حڪومت جي ڪوشش آهي ته مون کي ڪنهن ڪيس ۾ بند ڪري ۽ تحريڪ رڪجي وڃي، جيلن ۾ وجهو يا ڇا به ڪيو، تحريڪ ختم نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته جمهوريت ۾ پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي، سازش تحت چورن جي حڪومت مڙهي وئي، اسان ان خلاف احتجاج ڪيو، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل چيو ته مداخلت ٿي، سپريم ڪورٽ ۾ خط پيو آهي ته سازش سان حڪومت ڪيرائي وئي، ٻن وڏن ڦورن کي ملڪ تي مڙهيو ويو. عمران خان چيو ته ڀارت ۾ گستاخي ٿي، حڪومت ان معاملي تي سخت پوزيشن وٺي، حڪمران ڀارت سان دوستي ۽ بزنس ختم ڪن ۽ توهين جي معاملي تي اسٽينڊ وٺن، ڀارتي شين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close