پاڪستان

پاڪستان توهين وارن بيانن جو معاملو گڏيل قومن ۾ اٿاري ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي جي اڳواڻن جي توهين جوڳن بيانن وارو معاملو گڏيل قومن ۾ اُٿاري ڇڏيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر عبدالله شاهد سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن ۾ بي جي پي اڳواڻن جي توهين جوڳن ريمارڪس ۽ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ تعميري ڊائيلاگ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ توهين جوڳن بيانن جهڙن معاملن جو مقابلو ڪرڻ ۽ گڏيل جدوجهد لاءِ گڏيل قومن جي ڪردار جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان بي جي پي اڳواڻن جي توهين جوڳن ريمارڪس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي عالمي برادري کان اهڙن بيانن جي تُرت روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button