عالمي

ڀارتي نيوز چينل هيڪ، پاڪستاني جهنڊو ۽ نعت هلي پيو

نئين دهلي: سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڀارتي نيوز چينل تي بريڪنگ نيوز ڏئي پئي وئي ته اوچتو اسڪرين تي پاڪستان جو جهنڊو ظاهر ٿي پيو ۽ پوءِ نعت شريف هلي پيو. سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پاڪستاني هيڪرز ڀارتي نيوز چينل هيڪ ڪيو ۽ نعت هلايو. پاڪستان ۾ به ٽوئٽر تي “ٽيم ريووليشن پي ڪي” ٽاپ ٽرينڊ ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بي جي پي ترجمان نوپور شرما هڪ ٽي وي چينل تي گستخاڻو بيان ڏنو هو. ان بعد نوپور شرما کي 5 جون تي توهين جوڳن ريمارڪس تي معطل ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button