اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

حڪومت پيٽرول وڌيڪ مهانگو ڪندي،آءِ ايم ايف کان رليف نه ملندو:شوڪت ترين

اسلام آباد: اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين وفاقي بجيٽ کي انتهائي غير سنجيدا قرار ڏيندي چيو آهي ته نئين حڪومت پيٽرول وڌيڪ مهانگو ڪندي، بيروزگاري وڌندي ۽ کين آءِ ايم ايف کان ڪو رليف نه ملندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته ڪالهه مفتاح اسماعيل هڪ ڪنفيوز بجيٽ پيش ڪئي. حڪومت ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهي آهي؟ حڪومت خساري جي بجيٽ پيش ڪئي آهي. جڏهن ته اسان 30 ورهين ۾ سڀ کان وڌيڪ جي ڊي پي گروٿ وڌائي. شوڪت ترين چيو ته مهانگائي 24 سيڪڙو تائين ٿي چڪي آهي ۽ بيروزگاري به وڌندي، اسان جو خيال آهي ته بيروزگاري جو ريشو 25 کا 30 سيڪڙو تائين ويندو. جڏهن ته پيٽروليم ليوي وڌائڻ سان پيٽرول 35 رپيا في لٽر وڌيڪ مهانگو ٿيندو، مهانگائي وڌيڪ هوندي ته ڪاروبار ڪيئن وڌندو؟ پي ٽي آءِ اڳواڻ دعويٰ ڪندي چيو ته اسان تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ريونيو گڏ ڪيو، اسان جي گروٿ 6 سيڪڙو رهي. جڏهن ته هي 5 سيڪڙو گروٿ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، اسان سڀ کان وڌيڪ 5 ڏهائي 5 ملين ماڻهن کي روزگار ڏنو. اسان جي دور ۾ ايگريڪلچر ۾ 4 ڏهائي 4 سيڪڙو گروٿ هئي، اسان سڀ کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ڪياسين. اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ خسارو 4 ڏهائي 2 ٽريلين رپيا آهي، اڪنامڪ سروي پڙهي وٺو اوهان ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهيو؟ بئنڪن تي ٽيڪس 12، 12 سيڪڙو وڌايا ويا آهن. اسان جي خيال ۾ انڪم ٽيڪس به وڌائڻ گهرجي ها. هاڻي هي فڪسڊ انڪم ٽيڪس کڻي ايندا. انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 43 ملين جي ڊيٽا اسان ڇڏي ويا هئاسين. هن چيو ته 2 ڪروڙ ماڻهن جي غربت جي لڪير کان هيٺ وڃڻ جو خدشو آهي. حڪومت غريبن لاءِ شروع ڪيل اسان جا پروگرام به بند ڪري ڇڏيا. هي نيب ۽ چونڊن جي قانونن ۾ ترميم ڪرائڻ آيا هئا، لڳي ٿو ته اڳتي آءِ ايم ايف کين ايندڙ نه ڏيندو. جڏهن ته اڳوڻي وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته بجلي جا اگهه اسان 16 رپيا في يونٽ ڇڏي ويا هئاسين. خدشو آهي ته هاڻي بجلي 39 رپيا في يونٽ تائين ويندي. موجودا حڪومتي دور ۾ بجلي مهانگي ٿيندي، مٿان وري لوڊشيڊنگ به وڌي وئي آهي. گئس جي بلن ۾ 400 سيڪڙو اضافو ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته گرمين ۾ ڪڏهن به گئس جي لوڊشيڊنگ نه ڏٺي آهي نه ٻڌي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button