اسلام آبادپاڪستان

طاقتور ڌريون سياسي ۽ معاشي بحران سبب پريشان ٿي چڪيون آهن:عمران خان

اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته لڳي ٿو ته طاقتور ڌريون سياسي ۽ معاشي بحران سبب پريشان ٿي چڪيون آهن. بجيٽ کانپوءِ حڪومت هڪ ڏيڍ مهيني ۾ گهر ڀيڙي ٿيندي. ڪالهه بني گالا ۾ اينڪر پرسنز ۽ سينيئر صحافين سان ملاقات دوران عمران خان چيو ته ملڪ جي موجودا حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط قيادت جي ضرورت آهي. مضبوط قيادت شفاف چونڊن ذريعي ئي سامهون اچي سگهي ٿي. موجودا بجيٽ کي آءِ ايم ايف ڪنهن به صورت ۾ نه مڃيندو. هن وقت پاڪستان کي آءِ ايم ايف ۽ ٻيا ملڪ امداد نه پيا ڏين. عالمي ادارن کي به هاڻوڪي حڪومت جي نااهلي جو يقين آهي. آءِ ايم ايف ۽ ٻين ملڪن کي يقين آهي ته عوام هن حڪومت سان گڏ ناهي. هن چيو ته ڪو ائين نه سمجهي ته لانگ مارچ ختم ٿي ويو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ اسلام آباد جو رُخ ڪندس. اسان وڏي انگ ۾ عوام کي روڊن تي ڪڍي ڏيکاريو آهي. اليڪشن ڪميشن سان گڏوگڏ ٻيون به اهم مقرريون ڪيون پيون وڃن. پنجاب پوليس ۾ به وڏي پئماني تي بدليون ٿي رهيون آهن، اهم مقررين ۽ بدلين جو مقصد اليڪشن چوري ڪرڻ جي تياري آهي. اسان جي معاملن جو اندازو آهي ۽ مقابلو ڪرڻ لاءِ پوري طرح تيار آهيون. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته امپورٽڊ حڪومت ملڪ کي معاشي تبائي ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي، جولائي کان حد کان وڌيڪ ٿيندڙ مهانگائي کي غريب ڪيئن منهن ڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button