لاهور: پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چوڌري شجاعت حسين جي رهائش گاهه تي ساڻس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي صلاح مشوري سميت نئين حڪومت طرفان پيش ڪيل بجيٽ 23-2022 تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته موجودا حالتن ۾ سمورا اختلاف وساري گڏجي قوم کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ترجيح آهي. هنن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن ويندي ويندي ملڪ کي معاشي بحران ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ضروري آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close