پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار پوليس جي تحويل ۾ همراهه فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ٽنڊوالهيار:ٽنڊوالهيار جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاني خاصخيلي جو رهواسي پنج ٻارن جو پي 50 سالن جو خدا بخش عرف ڀورو خاصخيلي لاڪپ ۾ بيهوش ٿي ويو، بيهوش همراهه کي حيدرآباد اسپتال نيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو، جنهن بعد پيرسن جي وارثن ميرپورخاص-حيدرآباد-ڪراچي مين روڊ بلاڪ ڪري لاش رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي فوتي جي ڀا مولابخش خاصخيلي، ڀيڻويي محمد رحيم خاصخيلي، علي نواز خاصخيلي، رشيد خاصخيلي، بادشاهه خاصخيلي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ماڇي هوٽل پوليس پوسٽ انچارج الله وسايو نهڙيو اسان جي همراهه خدابخش عرف ڀورو خاصخيلي کي ماڇي هوٽل پوسٽ تي گهرايو، چيو ويو ته هن خلاف شڪايت آئي آهي، بيان وٺنداسين، اسان هن کي وٺي پوليس وٽ آياسين، جتي چيو ويو ته بيان ٿيندو، هي ڏوهي آهي، هن تي ايف آئي آر ٿيندي، ٿوري دير بعد چيو ويو ته صاحب ڳري رشوت گهري رهيو آهي، اسان چيو ته هي ڏوهاري نه آهي، ايترا پئسا ڪٿان آڻيون، جنهن بعد اسان چيو ته ڀا جي سومر ڏينهن ضمانت ڪرائينداسين، جنهن بعد خيال آيو ته ڀا سان ملي وڃون. جڏهن ته پوسٽ انچارج اسان جي همراهه کي لاڪپ ڪيو ته سندس طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن بعد سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو ويو، بعد ۾ حيدرآباد نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هي فوت ٿي چڪو آهي، خبر ناهي ته پوليس اسان جي همراهه کي ڇا ڪيو. هنن چيو ته اسان جو همراهه بيگناهه هو، جنهن کي پوليس اڳ به تنگ ڪري رهي هئي. هنن ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان گهر ڪئي ته ماڇي هوٽل پوسٽ انچارج الله وسايو نهڙيو تي ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. احتجاج دوران ايس ايس پي جو وفد مظاهرين سان ڳالهين لا پهچي ويو، ڊي ايس پي سي آئي اي عثمان لغاري ۽ ڊي ايس پي عبدالقادر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ وفد انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ٻڌايو ته همراهه جو ايف آئي آر ۾ نالو هو، ان ڪري هن کي جاچ لا گهرايو، جتي هن جي طبيعيت خراب ٿي وئي، وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button