پاڪستانسنڌ

مڪاني چونڊ ۾ اميدوار بيهارڻ بعد حڪمرانن ۾ ٿرٿلو مچي ويو: اياز لطيف

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي اليڪشنز جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو وچولي ۽ پورھيت طبقي جي پارٽي قومي عوامي تحريڪ پاران، بلدياتي چونڊن ۾ سوين باشعور اميدوار ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين بيھارڻ کانپوءِ حڪمرانن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي ۽ وڏيرا بوکلاھٽ جو شڪار ٿي پيا آھن.

اياز لطيف پليجي ڪيو اي ٽي اڳواڻ ۽ سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي ۽ بابو نوحاڻي تي گذريل رات ٿيل فائرنگ ۽ قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن مذمت ڪندي چيو ته ڇا به ڪيو، مقابلو ضرور ٿيندو. سڄي سنڌ جو مڊل ۽ پورھيت ڪلاس ھاڻي اليڪشنن ۾ ميدان خالي نه ڇڏيندو، ڀلي ڪيڏي به ڌانڌلي ۽ ظلم ڇو نه ڪيو. اوھان جي سامھون به بيھنداسين، اوھان تي ڪيس به داخل ڪنداسين، اوھان جي ڏوھن، ڪرپشن ۽ حملن آڏو ديوار به بڻجنداسين ڀلي زور لڳايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button