پاڪستانسنڌ

تانيا قتل ڪيس: ڪوٽڙي عدالت پاران گواهه ۽ ٻيا طلب

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي عدالت ۾ سيوهڻ جي جهانگارا ۾ بيدردي سان قتل ڪيل تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، ٻڌڻي دوران عدالت ۾ تانيا خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت پهتي. عدالت ۾ ڪيس جا گواهه نه پهتا، جنهن تي عدالت گواهن، جوابدار جي وڪيلن، تاج محمد شاهه ۽ ڪوٽڙي ٿاڻي جي مال خاني جي انچارج کي ٻه جولا تي طلب ڪري ورتو. ياد رهي ته سيوهڻ جي جهانگارا ۾ 7 سيپٽمبر 2017ع تي شادي جي انڪار تان جوابدار خانو نوحاڻي ساٿين سان گڏجي تانيا خاصخيلي کي بيدردي سان قتل ڪيو هو، جنهن بعد سندس ما به انصاف لا ٻاڏائيندي دم ڌڻي حوالي ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button