حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ذميوار پ پ پ آهي، جيڪا سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ڏياري سگهي آهي. پنجاب جا ڪئنال وهائي سنڌ جو پاڻي چورايو ويو آهي. شرم جهڙي ڳالهه آهي، هڪ پاسي سنڌ سُڪي پئي، ڪوٽڙي کان هيٺ زندگين لاءِ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي ته ٻئي پاسي پ پ پ جو وزير اعتراف پيو ڪري ته هن سنڌ جو پاڻي هٿ سان پنجاب کي ڏنو آهي. ان کان وڌيڪ اڃا ڇا سنڌ دشمني ٿيندي.
هن وڌيڪ چيو ته پ پ پ پنهنجي اقتدار لاءِ سنڌ سان سدائين ويساهه گهاتيون ڪندي رهي آهي. سنڌي قوم کي هاڻي هوش سنڀالڻ گهرجي دوست ۽ دشمن جي پرک ڪرڻ گهرجي. هڪ پاسي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب آبادگار ۽ پورهيت طبقو انتهائي پريشاني واري حال ۾ آهن، ٻئي پاسي وري ملڪ اندر معاشي بحرانن ۽ آئي ايم ايف جي شرطن کي مڃيندي حڪمرانن عوام مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائي سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.