
ميهڙ: ميهڙ ۾ مختلف ڳوٺن جي آبادگارن پاران رائيس ڪئنال ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف ميهڙ انڊس هاءِ وي ٽول پلازه ڀرسان احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي نٽھڻ اس تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ۽ لاڙڪاڻو کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ روڊ جي ٻنهي پاسي سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون. جڏهن ته سخت گرمي سبب 5 ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ هجڻ ڪري مسافرن ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون. ان موقعي تي آبادگارن ارشاد چانڊيو، سڄڻ کوسو، ولي محمد چانڊيو، بخشل چانڊيو، اڪبر سھول، در محمد چانڊيو، اعجاز چانڊيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته رائيس ڪئنال ۾ زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب ميهڙ تعلقي جا سمورا ننڍا وڏا واهھ ۽ شاخون سڪي ويون آھن، جنهن ڪري هزارين ايڪڙ آباد زرعي زمينون بنجر بڻجي ويون آھن، پر ڪامورا رشوت عيوض خاموش آهن. ٻئي پاسي آبپاشي کاتي جو ايس ڊي او ظهور بوزدار ڊي ايس پي ميهڙ سان گڏ ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن اندر رائيس ڪئنال ۾ زرعي پاڻي پھچائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. هوڏانهن آبادگار اڳواڻ ارشاد چانڊيو پاران لاڳاپيل انتظاميا کي چتا ڏنو ته آبپاشي کاتي جي آفيسرن کي ڏنل مهلت تائين پاڻي نه پهتو ته ٻيهر ميهڙ انڊس ها وي بلاڪ ڪيو ويندو.