پاڪستانسنڌ

ٽنڊوباگو ۾ موبائل شاپ تي ڇاپو، ملازم گرفتار، شراب جون 22 بوتلون هٿ

ٽنڊوباگو: ايس ايس پي بدين پاران سوشل ميڊيا تي خبرن جو نوٽيس وٺڻ تي ٽنڊوباگو پوليیس شهر جي مين بس اسٽاپ نريش موبائل زون تي ڇاپو هڻي موبائل جي دڪان ۾ پيل شراب (وسڪي) جون 22 بوتلون هٿ ڪري هوم ڊليوري ڪندڙ ملازم امر خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو. وسڪي وڪرو ڪندڙ نريش ڪمار لوهاڻو فرار ٿي ويو. نريش ڪمار لوهاڻو ڪيتري وقت کان وٺي ٽنڊوباگو جي مين بس اسٽاپ تي سرعام غير قانوني طور تي دڪان ۾ (وسڪي) شراب وڪرو ڪري رهيو هو. ٽنڊوباگو ٿاڻي تي ٻن جوابدارن نريش ڪمار لوهاڻو ۽ ملازم امر خاصخيلي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button