پاڪستانسنڌ

بدين ۾ ڊي سي جي کليل ڪچهري، مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت

بدين: ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان مختيارڪار بدين جي آفيس ۾ روينيو جي مسئلن بابت عوامي شڪايتن جي حل لاءِ کلي ڪچهري ڪئي. کلي ڪچهري ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون بدين نجيب الرحمان جمالي، اسسٽنٽ ڪمشنر بدين محمد ماجد الطاف، مختيارڪارن ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ماڻهن زمينن جا کاتا، سيل سرٽيفڪيٽ، رڪارڊ جي درستگي، رجسٽري ۽ ٻين مسئلن سان لاڳاپيل شڪايتون ڪيون. ان موقعي تي ڊي سي آغا شاهنواز خان شهرين پاران ڏنل درخواستن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪجھه شڪايتن جي حل لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته شڪايتن جي جاچ پڙتال ڪري جائز شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊي سي عملدارن کي سخت هدايتون ڏيندي چيو ته عوام جا جائز مسئلا بنا ڪنهن لالچ جي حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. شهرين سان نرم رويو اختيار ڪيو وڃي. ڊي سي شهرين کي چيو ته جيڪڏهن ڪو به روينيو آفيسر يا عملو جائز ڪم ۾ رڪاوٽ وجهي ته ان خلاف ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ شڪايت ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button