پاڪستان

شام جو ستين وڳي کان ڪمرشل فيڊرز بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: بجلي جي بچت لاءِ پاور ڊويزن واري وزارت وڏن اپائن جو فيصلو ڪندي سمري تيار ڪري ورتي آهي. پاور ڊويزن جي ذريعن مطابق سمري جي ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي. سمري مطابق سڄي ملڪ جي ڪمرشل فيڊرز کي شام جو 7 کان 10 وڳي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪمرشل فيڊرز تي ڏينهن جي وقت لوڊشيڊنگ نه ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمرشل فيڊرز جي بندش سان 5 هزار ميگاواٽ بجلي جي بچت ٿيندي، شام جو 7 کان رات جو 11 وڳي تائين ٽيوب ويل جي فيڊرز جي به بجلي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٽيوب ويل وارا فيڊرز بند ٿيڻ سان 3 هزار ميگاواٽ بجلي جي بچت ٿيندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته انهن تجويزن تي هلندڙ هفتي وزيراعظم ۽ ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي. پاور ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته واپارين طرفان دڪان جلد بند ڪرڻ کان انڪار تي متبادل تجويزون تيار ڪيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button