اسلام آبادپاڪستان

قطر جي سفير سان اقتصادي تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ٿيو:بلاول ڀٽو

اسلام آباد :پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قطر جي سفير سان ٻطرفو لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قطر جي سفير شيخ سعود عبدالرحمان آل ثاني سان ملاقات ڪري دلي خوشي ٿي. هن چيو ته قطر جي سفير سان گڏيل دلچسپي تي ٻڌل ٻطرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قطر جي سفير سان ٻطرفو لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button