پاڪستانسنڌ

ڪڙيوگھنور ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ خلاف رڪشا ڊرائيورن جو احتجاج

ڪڙيوگھنور: ڪڙيوگھنور ۾ وفاقي حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ واڌ خلاف چنگچي رڪشا ڊرائيورن مٺو چانڊيو، فياض لانگاھه، طيب لانگاھه، گلڻ انصاري، رزاق جھنجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد فاضل راھو چوڪ تي چنگچي رڪشا بيھاري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي رڪشا ڊرائيورن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ واڌ ڪري غريب عوام سان ظلم ڪيو آھي.

ھڪ ھڪ رات ۾ 60 روپيا اگھه وڌائين پيا، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ واڌ بعد ھر شيءِ مھانگي ٿيو وڃي، اٽو 100 روپيا ڪلو ٿي ويو آھي، پنهنجي ٻچن جو گذر ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آھي، ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌايل قيمت کي رد ڪيو وڃي، جيئن اسان پنهنجي ٻچن جو گذر ڪري سگھون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button