پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان ۾ مهانگائي خلاف شهرين، قومپرستن ۽ سڄاڻ ڌرين جا مظاهرا

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ مهانگائي خلاف شهرين، سماجي سياسي، سول سوسائٽي جي تنظيمن جو گڏيل احتجاجي ڌرڻو هنيو، اسٽيشن روڊ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهري ڪرڻ دوران شهرين اڳواڻن، سول سوسائٽي جي شهزاد بوزدار، اڪرم بيگ، عبدالحفيظ سٺيو، سجاد ڪنڀار، دودو هاليپوٽو، جهانگير ميمڻ ۽ ٻين چيو ته تيل جي اگهن ۾ ڪيل مسلسل واڌ کانپوءِ مهانگائي غريب مسڪين عوام جو ساھه سڪائي ڇڏيو آهي، پورهيت هاري مزدور طبقو ماني جي ڳڀي لاءِ پريشان ٿي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عوام کي رات ڏينهن بکيو پيٽ سمهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو گروپ) جي ڪارڪنن مهانگائي خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي زاهد جسڪاڻي، اصغر نوناري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مهانگائي عوام جو ساھه سڪائي ڇڏيو آهي، وفاقي حڪومت طرفان پيٽرول جي اگهن ۾ هلندڙ مهيني ڪيل واڌ ملڪ جي تاريخ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري سنڌ جو عوام اڳ ئي غربت مفلسي جو شڪار آهي، مٿان پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button