پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ٻهراڙي ۾ ماسترن جي پوسٽن لڪائڻ جو صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري نوٽيس ورتو

حيدرآباد(رپورٽ: يوسف ميربحر) حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جون سيٽون لڪائڻ واري انڪشاف بابت لڳل خبرن جو تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري نوٽيس وٺي ڇڏيو، سنڌ جي ٻين ضلعن مان به غلط رپورٽ ملڻ تي تعليم کاتي جو سيڪريٽري ڊائريڪٽرز ۽ ڊي اي اوز تي ڪاوڙجي پيو، استادن جي ڀرتين واري معاملي تي سيڪريٽري سڌي ريت آفيس سپرٽينڊنٽ سان لهه وچڙ ۾ اچي ويو، ڀرتين وارو معاملو جلد اڪلائڻ لا ڊائريڪٽرز ۽ ڊي اي اوز کي هدايتون ڪندي واضح ڪيو ته وڏو وقت وڃائي چڪا آهيون. خبر موجب حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جون سيٽون لڪائڻ واري انڪشاف واريون خبرون هلڻ ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن مان به پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جون موجوده سيٽن توڙي جاري ڪيل آفر آرڊرن بابت غلط ڄاڻ ملڻ تي تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري اڪبر لغاري نوٽيس وٺندي موجوده سيٽن وارو معاملو پنهنجي هٿ ۾ کڻندي سموري سنڌ جي ڊائريڪٽرن ۽ ڊي اي اوز جي آفيس سپرٽينڊنٽ کي ڇنڇر ۽ آچر تي ڪراچي ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

هوڏانهن تعليم کاتي جي ذريعن موجب حيدرآباد ۾ ڊي اي او طرفان حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ پي ايس ٽي جون سيٽون لڪائڻ واري انڪشاف بابت لڳل خبرن جو تعليم کاتي جي وزير سيد سردار شاهه نوٽيس وٺندي سيڪريٽري کي واضح هدايتون ڏنيون ته ميرٽ کي اوليت ۾ رکندي مقرريون ڪيون وڃن، جنهن کانپو تعليم کاتي جي سيڪريٽري به معاملي جي جاچ پڙتال شروع ڪري ڇڏي ۽ شروعات ۾ ئي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ڊائريڪٽرن توڙي ڊي اي اوز پاران ڏنل موجوده سيٽن واري ويب سائيٽ تي اپڊيٽ ٿيل لسٽ فوري طور تي هٽرائي ڇڏي آهي. هوڏانهن تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري جي هڪ آڊيو رڪارڊنگ پڻ اخبار هٿ ڪري ورتي آهي، جنهن هو چئي رهيو آهي ته “آئون ڇنڇر ۽ آچر ڏهاڙي تي گڏجاڻيون رکي رهيو آهيان، پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي موجوده سيٽن بابت جيڪا معلومات گهري هئي، اها سمورن ضلعن مان پهچي چڪي آهي، پر ان ۾ تمام وڏيون غلطيون آهن. هن ڪنهن ضلعي جو نالو کڻڻ کانسوا چيو ته ڪجهه ڊي اي اوز ته بغير ڪجهه ڏسي جيڪا لسٽ هنن کي ٺاهي ڏني وئي، اها هنن اڳيان موڪلي ڇڏي ۽ ايتري حد جو جوڙجڪ به غلط ڪئي. هن واضح چيو ته مون کي ڊي اي اوز صاحبان کان اهڙي اميد نه هئي. هن چيو ته ڇنڇر ڏهاڙي ڪراچي ۾ گڏجاڻي آهي، جڏهن ته سيڪريٽري حيدرآباد جو اڌ نالو وٺڻ شرط ئي پاڻ سنڀاليندي چيو ته باقي جيڪي ٻيا ضلعا آهن، انهن جي گڏجاڻي آچر ڏينهن آهي ۽ حيدرآباد جو نالو پورو نه ورتائين. هن واضح ڪندي چيو ته هن گڏجاڻي ۾ ڪوبه ڊائريڪٽر يا ڊي اي او نه ايندو پر ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي اوز جا آفيس سپرٽينڊنٽ ايندا، جيڪڏهن آفيس سپرٽينڊنٽ جي پوسٽ ڪٿي خالي آهي ته اتي ڀرتين کي ڏسندڙ آفيسر ڪيترا آفر آرڊر ملي چڪا آهن ۽ ڪيتريون پوسٽون خالي آهن اهو اسٽيمپ ٿيل مواد کڻي ايندو.

هن پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ڀرتين تي سست رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪنهن به ڊي اي او کي هيڊڪوارٽر ڇڏڻ جي ضرورت ناهي، ڀرتيون هلي رهيون آهن، اوهان ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن به ڪم ڪيو ۽ ڀرتين کي حتمي شڪل ڏني وڃي، وڏو وقت وڃائي چڪا آهيون، ڊائريڪٽر به ڊويزن نه ڇڏين، ڇو ته ڪجهه ڊي اي اوز پاران بار بار شڪايتون اچي رهيون آهن ته اسان اپائنٽمينٽ ليٽرز يا آفر آرڊر ڏئي ڇڏيا آهن پر ڊائريڪٽرن وٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان پيل آهن، اوهان به ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن کي ڪم ۾ آڻيو، جيئن آئون آڻي رهيو آهيان ۽ هي جيڪي به اپائنٽمينٽ ليٽرز يا آفر آرڊر آهن، انهن تي صحيحون ڪري وٺو، اوهان پنهنجن آفيس سپرٽينڊنٽ کي موڪلي ڇڏيو، جيڪڏهن اوهان سڀ آفيس سپرٽينڊنٽ تي ئي ڀاڙيو ٿا ته مون کي به انهن تي ڀاڙڻو پوندو ۽ اوهان رليڪس رهو ۽ اوهان ٻيا ڪم ڪريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button