اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين کي سهولتون ڏيڻ پهرين ترجيح آهي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اپوسٽل ڪنوينشن ۾ پاڪستان جي شموليت سان ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي سولائي ٿيندي. هاڻي پاڪستاني تصديق ٿيل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قبول ڪيا ويندا. جمعي تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اپوسٽل ڪنوينشن ۾ پاڪستان جي شموليت ٻاهرين ملڪ سفر ڪندڙ ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين کي سولائي ٿيندي. هن چيو ته پنهنجن شهرين لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اسان جا شهري شادي جو سرٽيفڪيٽ، ڊگريون ۽ ٻيا دستاويز پاڪستان ۾ پرڏيهي وزارت جي مجاز آفيسرن کان تصديق ڪرائي سگهندا، جن کي وڌيڪ تصديق جي ضرورت کان سواءِ بين الاقوامي سطح تي قبول ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button