سنڌ

ڪشمور مان 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙو بازياب نه ٿيو، احتجاجي ڌرڻو

ڪشمور جي ملڪ پاڙي مان اغوا ٿيل معصوم 3 ورهين جو شيراز بازياب نه ٿي سگهيو. 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم شيراز ملڪ جي بازيابي لا وارثن روشن تارا چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي فقير محمد زمان دايو، ساجد علي مزاري، غلام عباس دايو، روشن علي نصيراڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته 10 ڏينهن گذري ويا پر ڪشمور پوليس اڃا تائين معصوم شيزار ملڪ کي بازياب نه ڪري سگهي آهي، جنھن ڪري سندس وارث پريشان آهن ۽ ما کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا آھن، جڏهن ته ڪشمور پوليس وارثن کي ڪوڙا دلاسا ڏئي رهي آهي. هنن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن معصوم شيراز کي بازياب نه ڪرايو ويو ته شهر ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو ۽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو. هنن وڏي وزير مراد علي شاهه، آئي جي سنڌ کان معصوم ٻار جي بازيابي جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button