اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي جو طوفان،هڪ هفتي ۾ عام واهپي جون 36 شيون مهانگيون

اسلام آباد :هڪ هفتي اندر 36 شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي، هڪ هفتي اندر مهانگائي ۾ 3 ڏهائي 38 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سالياني شرح 27 ڏهائي 82 سيڪڙو تائين پهچي وئي. هڪ هفتي اندر 36 شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ 6 شين جي قيمتن ۾ لاٿ ۽ 9 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. تفصيل مطابق ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هفتي اندر 36 شين جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هڪ هفتي ۾ ڊيزل 28 ڏهائي 91 سيڪڙو، پيٽرول 11 ڏهائي 43 ۽ بجلي 6 ڏهائي 63 سيڪڙو مهانگي ٿي. چڪن 12 ڏهائي 10 سيڪڙو، پٽاٽا، 6 ڏهائي 89 سيڪڙو، پڪل دال 5 ڏهائي 90 سيڪڙو، چڻن جي دال 5 ڏهائي 59 سيڪڙو، وڏو گوشت 5 ڏهائي 19 سيڪڙو مهانگو ٿيو. هڪ هفتي ۾ بصر 5 ڏهائي 20 سيڪڙو، اٽو 2 ڏهائي 19 ۽ ايل پي جي 1 ڏهائي 32 سيڪڙو سستو ٿي. هڪ سال ۾ بصر 135 سيڪڙو، ڊيزل 132، ٽماٽر 119 سيڪڙو مهانگا ٿيا. رپورٽ مطابق هڪ سال ۾ پيٽرول 110 سيڪڙو، گيهه 81، کاڄرو تيل 71 سيڪڙو مهانگو ٿيو. هڪ سال ۾ دال مسور 74 ڏهائي 77 سيڪڙو، مسٽرڊ آئل 80 ڏهائي 88، ايل پي جي 60 ڏهائي 97 سيڪڙو مهانگي ٿي. هڪ سال ۾ ٿوم 57 ڏهائي 72 سيڪڙو، چڪن 51، هڪ سال ۾ ڳاڙها مرچ 43 سيڪڙو ۽ مڱن جي دال 18 سيڪڙو، کنڊ 10 ڏهائي 79 سيڪڙو سستي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button